پريم ساگر ڪتاب

پريم ساگر ڪتاب

پريم ساگر

پريم ساگر (ڪتاب): هي ڪتاب فقير غلام علي مسرور بدويءَ جي سرائيڪي، اردو، هندي ۽ فارسي ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو سندس لائق فرزند بيدل مسرور بدوي ترتيب ۽ تحقيق سان مسرور پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران جولاءِ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، ڪتاب جو انتساب سنڌ جي ”ان ولي الله، پاڪباز مالڪ، بحر فيض مرشد راهه هدايت شهنشاهه فقير حضرت قادر بخش بيدل جي نالي ڪندي بيدل مسرور اظهار ڪيو آهي ته فقير سائينءَ جو سايئه عاطفت گلشن مسرور تي سدائين قائم ۽ دائم رهيو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ۽ مقدمو بيدل مسرور جديد تحقيقي انداز ۾ لکيو آهي. مقدمي ۾ فقير غلام علي مسرور بدويءَ جي حسب نسب، ولادت، تعليم ۽ تربيت، ازواجي زندگي ملازمت، ذوق ۽ شوق، صورت ۽ سيرت، سماع، فيض طريقت، فقير قادر بخش بيدل سان نسبت، ڪلام، تصنيفون، وصال، ادبي خدمتن، خاندان تي اثر جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. فقير غلام علي مسرور جي سرائيڪي ڪلام ۾ مثمن، منقبتون، مدح، بيت، وايون، ڪافيون، سه حرفيون ۽ قيامت نامو ڏنل آهي ۽ هڪ غزل به شامل آهي، سندس هندي ڪلام ۾ شلوڪ، شبد، پريم واڻي، رسوائي، آتمواڻي، ڀڄن، هولي ۽ ريخته شامل آهن. فقير صاحب فارسي غزلن ۽ مناجاتن واري حصي جو نالو، قلقل، عندليب رکيو آهي. هن 192 صفحن جي ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 150 روپيا رکي وئي آهي.


لفظ پريم ساگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو